بيروت(م ڊ) لبنان جي مختلف علائقن تي اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ گهٽ ۾ گهٽ 38 ماڻهو مارجي ويا 54 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. صيهوني فوج بيروت جي علائقن تي وڌيڪ حملا ڪري ڏنا، بعليبيڪ جي گورنر ايڪس تي هڪ پوسٽ ذريعي شهادتن جي تصديق ڪندي چيو ته اسرائيل علائقن تي 40 حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 38 ماڻهو شهيد ۽ 54 زخمي ٿي پيا. اسرائيلي حملن ۾ حزب الله جي مضبوط مرڪزن کي به نشانو بڻايو ويو. ماڻهن کي فوري طور تي نڪرڻ جو چيو ويو. اسرائيلي فوج طرفان انهن حملن تي ڪو به تبصرو نه ڪيو ويو.  هوڏانهن لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله جي سربراهه نعيم قاسم اسرائيل خلاف جنگ جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب نعيم قاسم لبناني عوام کي خطاب دوران اعلان ڪيو ته اسان جي هزارين تربيت يافته ويڙهاڪ اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته اسان جي جنگ رڳو جنگي ميدان ۾ ئي ختم ٿيندي سياسي ميدان ۾ نه، فلسطيني ڪاز ثابت قدم آهي ۽ اسرائيلي جارحيت باوجود فتح حاصل ڪندو. سندس چوڻ هو ته مقابلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهيون، ويڙهاڪ ۽ پارٽي هڪ ٺوس اسلامي نظريو رکن ٿا، جيڪو سچائي تي ٻڌل آهي، اسان جا سمورا ويڙهاڪ شهادت لاءِ تيار آهن