اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قانون ۽ انصاف واري وزارت لا اينڊ جسٽس ڪميشن جي نئين ميمبرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن مطابق خيبرپخونخوا مان ايڊووڪيٽ فضل حق عباسي، سنڌ مان محمد مخدوم علي خان، پنجاب مان حارث احمد خواجه ۽ بلوچستان مان ڪامران مرتضيٰ‏ کي لا اينڊ جسٽس ڪميشن جو ميمبر نامزد ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن مطابق چيف جسٽس آف پاڪستان جي نامزدگي تي ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري عمل ۾ آندي وئي آهي. نوٽيفڪيشن مطابق چئني ميمبرن جي مقرري ٽي سال ٿيندي.