لاھور ۾ ھڪ ٻئي رڪشا ڊرائيور طرفان عورت سان مبينا زيادتي

0
259
ڀرياسٽي ويجهو درويش صفت نينگري سان 2 ڄڻن جي مبينا زيادتي، جوابدار گرفتار
ڀرياسٽي ويجهو درويش صفت نينگري سان 2 ڄڻن جي مبينا زيادتي، جوابدار گرفتار

لاھور (بيورو رپورٽ) لاھور ۾ ھڪ وڌيڪ رڪشا ڊرائيور ساٿين سان گڏجي مبينا طور عورت کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو آھي.

لاھور جي علائقي ڳڙھي شاھو ۾ ھڪ رڪشا ڊرائيور ساٿين سان گڏجي گن پوائنٽ تي عورت کي مبينا طور تي زيادتي جو نشانو بڻايو، متاثر عورت جو چوڻ آھي تھ جوابدار نوڪري جو ڏٽو ڏئي گھرايو، جوابدار رڪشي ۾ ويھاري ناچ گھر گرائونڊ وٺي ويو، جتي ھُن سان ساٿي اڳ ۾ ئي موجود ھئا، گرائونڊ ۾ موجود ھڪ جوابدار ٻارڙي کسي ان کي يرغمال بڻايو.

مبينا طور تي زيادتي جو نشانو بڻجندڙ عورت جو چوڻ آھي تھ جوابدارن ٻن ورھين جي ٻارڙي مٿان پستول  رکي مون کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو.

ڳڙھي شاھو پوليس متاثر عورت جي درخواست تي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.