لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي لاڪپ مان 5 ڏينهن اڳ چوري ڪيس ۾ گرفتار لب مهراڻ واسي 20 ورهين جي نوجوان ساحل سولنگي جو ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو هو جنهن معاملي جو آءِ جي سنڌ غلام نبي نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ٽريننگ سنڌ فيض الله ڪوريجو جي سربراهيءَ ۾ فيڪٽ فائينڊنگ انڪوائري جوڙي هئي جنهن انڪوائري جي سربراهه ڊي آءِ جي فيض الله ڪوريجو طرفان ساحل سولنگي واري معاملي جي فيٽ فائينڊنگ انڪوائري جي سلسلي ۾ ٻئي ڏينهن به جاچ ڪندي وليد ٿاڻي تي پهچي لاڪپ جو معائنو ڪري لاڳاپيل عملدارن کان تفصيل معلوم ڪيا بعد ۾ هن ڌرين کي پي ٽي ايس طلب ڪري ورتو جتي انڪوائري آفيسر سيڪنڊ سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ لاڙڪاڻو سيد اويس شاهه سان ملاقات ڪري وليد ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او رزاق ٽڳڙ، ڊي ايس پي خادم بليدي ۽ نوجوان ساحل سولنگي مٿان چوري جو ڪيس داخل ڪندڙ فريادي علي حسن ڪهيري جا بيان قلمبند ڪري ورتا جنهن کان پوءِ انڪوائري ڊي آءِ جي ٽريننگ سنڌ فيض الله ڪوريجو ڪراچي روانو ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي پوليس ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پوليس سرجن طرفان ساحل سولنگي جا جزا هسٽوپيٿالاجي ڪيميڪل رپورٽ لاءِ گمبٽ ليباريٽري ۽ روهڙي ليباريٽري اماڻي ڇڏيا آهن. هوڏانهن اهڙي واقعي کي 5 ڏينهن گذرڻ باوجود نوجوان ساحل سولنگي جي حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري نه ٿي سگهي آهي. ان حوالي سان نوجوان جي والد سعيد سولنگي ۽ ٻين وارثن مطالبو ڪيو آهي ته ساحل سولنگي جي حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪرڻ سان گڏ واقعي جي انڪوائري جلد کان جلد مڪمل ڪري ذميوارن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.