مانجهند (رپورٽ: يعقوب ڪوريجو) سنڌ لاکڙا ڪول مائينز بلاڪ 4 ۾ ڪوئلي جي کوٽائي دوران کاڻ جي ڀڪ ڪرڻ سبب سوات واسي 2 ڀائر 28’ورهين جو سميع رحمان پٽ ظاهر گل، 30 ورهين جو خليل ۽ 17 ورهين جو حامد رحمان پٽ حسن جان پٺاڻ دٻجي ويا، جن کي ساٿي پورهيتن ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر جديد ريسڪيو آپريشن جو جوڳو بندوبست نه هئڻ ڪري نڪري نه سگهيا، مزدورن موجب وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي تڪرار سبب بند پيل واپڊا ڪمپني کي سنڌ لاکڙا ڪول جو نالو ڏئي پوليس ۽ مائينز کاتي جي ملي ڀڳت سان ٺيڪيداري نظام تحت بااثر سرمائيدار ڳجهه ڳوهه ۾ ڪوئلو ڪڍرائڻ ۾ مصروف آھن. امام حسين عليه سلام جي چاليهي جي عام موڪل تي پڻ مزدورن کان ڪم ورتو ويو جنهن ۾ تمام وڏو حادثو پيش آيو آھي. هوڏانهن سنڌ لاکڙا ڪول ۾ ٺيڪيدار باچا خان جي ليز ۾ دٻجي ويل مزدور 10 ڪلاڪ تائين ٻاهر نه نڪرڻَ سبب سندن وارثن کي زندگي جي اميد تمام گهٽ آھي.