بلڙي شاهه ڪريم(ن پ ا) سنڌ جي اوائلي شاعر بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي تڙ ڏاڏي سنڌ جي عظيم بزرگ صابرين اولياء حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو 414 هون عرس مبارڪ شروع ٿي ويو، درگاھه جي قائم مقام گادي نشين اسد شاھ ڪاظمي ، ڊپٽي ڪمشنر شاهزيب شيخ ، ايس ايس پي عابد بلوچ ، اوقاف کاتي حيدرآباد جي ايڊمنسٽريٽر نور احمد پهوڙ چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪيو. انهي موقعي تي هنن چيو ته سنڌ اولياء اڪرام جي عظيم ڌرتي آهي جتي صوفي ازم انسان دوستي جو درس ڏنو ويو آهي جنهن جي ڪري سنڌ جي اوليا اڪرام جي درگاهن تي بنا ڪنهن مذهبي ڪٽرپڻي فرق جي سمورن مذهب سان تعلق رکندڙ مريد ، عقيدتمند شريڪ ٿين ٿا ، شاھ عبدالڪريم جي تاريخي رسالي جي ورقن توڙي تاريخي آثارن سندن لباس ۽ ڇڏيل تاريخي اثاثن کي ميوزم ۾ رکڻ لاءِ توڙي درگاھ جي اڱڻ ۾ ٺهيل تاريخي آثارن واري پاڻي جي کوھ کي ٻيهر بحال ڪرڻ شاھ لطيف جي آستان کي نئين سر تعمير ڪرائڻ ۽ درگاھ جي اڱڻ ۾ ادبي ثقافتي پروگرام ڪرائڻ بابت اوقاف کاتي جي بالا حڪام کي ان بابت رپورٽ پيش ڪئي ويندي. ميلي جي افتتاح وقت درگاهه جي احاطي ۾ صوفياڻي، ڪريمي لطيفي تنبوري جي تار سان راڳ شروع ٿي ويو، عرس مبارڪ جي موقعي تي سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عقيدتمند زائرين جي آمد سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آهي،  جڏهن ته اوقاف کاتي پاران انتظام آڻپورا آهن، جنهن ڪري آيل زائرين پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا آهن، زائرين يعقوب جمالي، سينگار بڪيرو، سليم ميمڻ ۽ ٻين چيو ته صفائي سٿرائي توڙي پيئڻ جي پاڻي سميت ڪابه سهولت موجود ناهي، جنهن سبب ايندڙ زائرين سخت پريشان آهن، هر مهيني ٽائون ڪميٽي مان درگاهه جا پنج لک رپيا اچن ٿا پر درگاهه تي خرچ نٿا ٿين، هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي درگاهه اندر سهولتون فراهم ڪيون وڃن، عرس مبارڪ 3ڏهاڙن تائين جاري رهندو، جتي مختلف رسمون ادا ڪيو وينديون، ايس ايس پي ٽنڊومحمدخان عابد بلوچ سيڪيورٽي لاءِ 2 سئو کان وڌيڪ ميل في ميل اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر طرفان اعلانيل سرڪاري موڪل جي ڪري سمورا سرڪاري ادارا ، ڪاليج اسڪول ۽ صوبائي حڪومت جي ماتحت آفيسن ۾ عام موڪل رهي.