مٽياري/ڀٽ شاھ (نمائندن وٽان) حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو 344 هون جشن ولادت ڀٽ شاھ ۾ ڀرپور جوش جذبي سان ملهايو ويو، درگاهه جي وقتي سجاده نشين سيد خاور حسين شاه لطيفي پاران مزار تي پھچي چادر چاڙهي دعا گهري وئي ۽ مک تقريب ۾ شرڪت ڪري لطيف سرڪار جي جنم ڏينهن جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ان کان اڳ ۾ شاھ لطيف جي راڳي فقيرن پاران دنبوري جي تند سان شاھ جا ڪلام پيش ڪري ڀٽ ڌڻي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاه لطيفي پاران ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون، ان موقعي تي سيد خاور حسين شاه لطيفي جو چوڻ هو ته مرشد جو جشن ولادت آهي اسان کي خوشي جو ڏينهن آهي ڀٽائي سرڪار هميشه امن محبت ۽ ڀائيچاري جي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن کي جيڪڏهن مڪمل طور عمل ڪيو وڃي ته ملڪ مان دهشتگردي ۽ نفرتن جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو، هن وقت ملڪ جون حالتون بهتر نه آهن جنهن لاءِ ڀٽائي جي ڪلام تي عمل ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي، اسين پوري دنيا لاءِ امن جي دعا ڪريون ٿا ۽ پنهنجي مرشد جي جشن م آيل سڀني عقيدت مندن لاءِ به دعا گو آهيون، جڏهن ته ٻي پاسي درگاهه جي سجاده نشين سيد وقار حسين شاه لطيفي آمريڪا مان ٽيليفون ذريعي خطاب ڪيو ۽ مريدن عقيدتمندن کي دعا ڏيندي چيو ته هن وقت پوري دنيا لاءِ ڀٽائي سرڪار جي درس جي ضرورت آهي، ان موقعي تي پير آف ڀٽ شاھ سيد ڊاڪٽر جواد حسين، سيد ياسر عباس شاہ ،سيد اديب الحسن شاھ لطيفي ،ٽائون آفيسر سيد محسن شاھ ،فهد خان وساڻ، ارشاد علي گڏاڻي، صاحب خان شيخ، بشير احمد شر، پيرل فقير ،دادلو فقير، سيد ولي محمد شاھ، فقير بخت حسين بوداڻي ۽ ٻيا به موجود هئا، حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي جشن ولادت جي سلسلي ۾ پير آف ڀٽ شاھ سيد گداحسين شاه لطيفي پاران مزار تي پھچي راڳي فقيرن سان گڏ 344 هين جشن ولادت جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ ملڪ جي ترقي، امن امان ۽ سنڌ جي خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون، ان موقعي تي سيد گدا حسين شاه لطيفي جو چوڻ هو ته ڀٽائي سرڪار جو جنم ڏينهن اسان لاءِ عيد جو ڏينهن آهي جنهن کي هر سال ڀرپور جوش جذبي سان ملهايو ويندو آهي هن سال به لطيف سرڪار کي ڀرپور انداز سان ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهيون اسان سڀني کي گهرجي ته نفرتون ختم ڪري پاڻ ۾ محبت ئي اتحاد قائم ڪرڻ لاءِ لطيف سرڪار جي ڏسيل راھ تي عمل ڪيو وڃي،
هندو پنچائت پاران جشن ولادتِ لطيف جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي وئي
ڀٽ شاھ : حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي جشن ولادت جي سلسلي ۾ ڀٽ شاھ جي هندو پئنچات طرفان ديوان گاگن داس ،ايشور داس، انيل ڪمار، لال چند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گردواري کان ريلي ڪڍي ڀٽائي جي مزار تي پھچي چادر چاڙهي دعا گهري وئي ۽ درگاھ جي صحن ۾ ڏيئا ٻاري جشن ولادت جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ،اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڀٽائي سرڪار جو 344 هون جشن ولادت آهي هر سال هندو پئنچات طرفان ڏهاڙو ڀرپور انداز سان ملهائيندا آهيون، هن سال لطيف سائين کي جشن ولادت جي موقعي تي ڏيئا ٻاري ڪيڪ ڪٽي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي، جيڪو سلسلو هر سال جاري رهندو،