مٽياري/ڀٽ شاهه (نمائندن وٽان) حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو 344 هون جشن ولادت اڄ 2 جنوري پهرين رجب تي ڀٽ شاھ ۾ ملهايو پيو وڃي جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، اڄ شام جو مزار تي چادر چاڙهي دعا گهري ويندي ۽ قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاه لطيفي جي اڳواڻي ۾ 344 هين جشن ولادت جو ڪيڪ ڪٽيو ويندو جشن ولادت جي موقعي تي مزار تي چراغان ڪري سينگاريو ويو آهي ،حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي جشن ولادت جي موقعي تي شاھ لطيف جا راڳي فقير دنبوري جي تند سان شاھ جا ڪلام پيش ڪري ڀٽائي سرڪار کي ڀيٽا پيش ڪندا. ڀٽائي خاندان جي فردن سميت مختلف درگاهن جا سجاده نشين ۽ مريد عقيدت به تقريب ۾ شريڪ ٿيندا، جڏهن ته ٻي پاسي پير آف ڀٽ شاھ سيد گداحسين شاه لطيفي طرفان به راڳي فقيرن سان گڏجي جشن جو ڪيڪ ڪٽيو ويندو، ثقافت کاتي جي عملدارن توڙي مختلف سياسي سماجي ڌرين پاران به الڳ الڳ مزار تي چادرون چاڙهي ڀٽائي گهوٽ کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي، هر سال جيان ڀٽائي جي جنم ڏهاڙي تي هندو پئنچات طرفان به ريلي ڪڍي مزار تي چادر چاڙهي دعا گهري ويندي ۽ جشن ولادت جو الڳ ڪيڪ ڪٽيو ويندو، اڄ مختلف شهرن مان وڏي انگ ۾ شاھ لطيف جا مريد ۽ عقيدت مند به ڀٽ شاھ پهچي جشن ولادت جي رسمن ۾ شرڪت ڪندا ۽ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي،