لاکاروڊ (ن پ ا) لاکاروڊ ڀرسان ديھه بگودڙو سانگي شاخ وٽ لاکاروڊ پوليس ڳوٺاڻن جي مدد سان مبينا 3 ڦورن کي سوگهو ڪري ورتو، گرفتار ڪيل ڦورن ۾ مظھر پٽ مانجھي خان مري، مبين پٽ من دوست مري ويٺل ڳوٺ بنگل خان مري ۽ شاھنواز پٽ علي نواز ڪلھوڙو ويٺل ڳوٺ الھڏتو ڪلھوڙو ڪنڊيارو شامل آهن، پوليس موجب گرفتار ڦورن وٽان ھڪ پسٽل ھٿ ڪيو ويو آهي، پوليس موجب ڦورو اڪري چودڳي واسي ڳوٺاڻي فدا حسين شر کان ڦر ڪري رھيا هئا ته ڪارروائي ڪري کين سوگهو ڪيو ويو، هوڏانهن ايس ايس پي نوشھروفيروز ايس ايچ عبدالرشيد چانهيو کي معطل ڪري انسپيڪٽر معشوق علي ڪيريو کي نئون ايس ايچ او لاکاروڊ مقرر ڪيو آهي.