لاکاروڊ(ن پ ا) لاکاروڊ ڀرسان ڳوٺ کوهي لاشاري ۾ بجلي جو ڪم ڪندڙ پرائيويٽ لائين مين 32 سالا محرم ڏاهري ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان محرابپور فيڊر تي سيپڪو ملازمن سان گڏ پرائيويٽ طور ڪم ڪندو هو، ڪالهه ڳوٺ کوهي لاشاري ۾ ٿنڀي تي چڙهي ڪم ڪري رهيو هو بجلي اچڻ سبب کيس ڪرنٽ لڳو ۽ هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.