ميرپوربٺورو. (ن پ ا) سنڌ جي لاڙ ۾ منشيات جي ڪاروبار ۽ اتر ۾ ڌاڙيل انڊسٽري کي هٿي ڏيئي سنڌ جي عوام کي مڪمل يرغمال بڻايو ويو آهي، سجاول ضلعي جي 13700 ايڪڙ زرعي زمين سٻز انقلاب جي نالي ۾ وفاق کي ڏيئي ڌاريا آباد ڪري ٻيو فلسطين ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار هتي صوفي شاھ عنايت پريس ڪلب ميرپور بٺورو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ٻن ڏينهن جي لاڙ پٽي جي دوري دوران اهو ڏسي افسوس ۽ حيرت ٿي آهي ته افغاني پٺاڻن کي سنڌ جي ساحلي پٽي تي منظم انداز ۾ وڏي تعداد ۾ آباد ڪيو ويو آهي جتي اهي منشيات جو ڪاروبار ڦهلائي عوام کي منشيات جو عادي بڻائي کائنن زمينون حاصل رڄي رهيا آهن، هن چيو ته هڪ منظم رٿا بندي سان سنڌ جي معدني وسيلن، ٿر جي ڪوئلي ۽ زمينن جي چوطرف ڌاريا آباد ڪري انهن وسيلن تي قبضي جي رٿا بندي ڪئي ويئي آهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ فقط اشرافيه جا ڪيس تڪڙا هلائي رهي آهي جڏهن ته انساني حقن جي ڪيسن، سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي ڪارواين، معصوم نياڻين سان جنسي ڏاڍائي بعد انهن جي قتل تي سپريم ڪورٽ خاموش آهي، هن چيو ته 17 سيپٽمبر تي ٺٽو ۽ 22 سيپٽمبر تي سجاول ۾ عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، سنڌ جون زمينون ڌارين حوالي ڪرڻ ۽ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.