کورواھه(رپورٽ: ابراهيم مخدوم) پٽڪو سنڌ جي ثقافت جو حصو رهيو آهي آڳاٽي وقت ۾ لاڙ سنڌ ۾ پٽڪو تمام گهڻو ٻڌو ويندو هو، جيڪو هن وقت گهٽجي چڪو آهي پٽڪو جيڪو هر ڳوٺ جا ماڻهو وڏي شوق ۽ چاھه سان ٻڌندا هئا، پر هاڻي شادي تقريبن يا دعوتن تائين محدود رهجي ويو آهي، پٽڪو گهڻو ڪري ململ يا بوسڪي جو ٻڌو وڃي ٿو جڏهن ته عام طرح ڳوٺن ۾ ماڻهو اجرڪ ۽ ٽوال جو پٽڪو به ٻڌن به ٿا، پٽڪي ٻڌڻ جا مختلف قسم آهن جنهن ۾ هڪ ڇيڙي ۽ ٻن ڇيڙن وارو پٽڪو شامل آهن. جڏهن ته ملهه ڪٽ ۽ وڙي ڪٽ به پٽڪي ٻڌڻ جا قسم آهن. ان سلسلي ۾ پهنجي اخبار سان ڳالهائيندي عبدالرزاق مهيري، ميان مير خان چانڊيو، محمد رند ۽ ٻين چيو ته پٽڪو سنڌ جي ثقافت جو حصو آهي، اڳ پٽڪو ڳوٺن شهرن ۾ عام جام هو ۽ لازمي قرار ڏنل هو تنهن ڪري هر ماڻهو کي پٽڪو ٻڌل هوندو هو، ڇاڪاڻ ته مٿي اگهاڙي ماڻهو کي سماج ۾ اهميت گهٽ ملندي هئي. هنن چيو ته اتر سنڌ ۾ ڇهن ستن هٿن وارو پٽڪو به ٻڌو وڃي ٿو جڏهن ته لاڙ ۾ ننڍو پٽڪو ٻن ڇيڙن وارو ٻڌندا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته پٽڪو سنڌ جي ثقافت ۽ اهم رسم آهي هي شادين ۾ گهوٽن ۽ آيل خاص مهمان کي ٻڌرايو ويندو آهي.
لاڙ ۾ عبدالرزاق مهيري پٽڪو ٻڌي سفر ڪندڙ طور مشهور بڻيل
کورواھه: لاڙ ۾ عبدالرزاق مهيري پٽڪي ٻڌڻ جي حوالي سان تمام مشهور آهي جيڪو ٺٺي، بدين، سجاول، ٿرپارڪر، ميرپورخاص ۽ ٻين ضلعن ۾ سنڌ جي ثقافت پٽڪو ٻڌي موٽرسائيڪل تي سفر ڪندو آهي، جڏهن ته شادين محفلن ۽ پروگرامن ۾ ميزبان خاص مهمانن کي پٽڪو ٻڌرائڻ لاءِ عبدالرزاق مهيري کي گهرائيندا آهن، عبدالرزاق مهيري ميان نواز شريف، آصف زرداري، ڄام صادق ۽ مراد علي شاھه سميت ملڪ جي ناليوارن سياستدانن کي پٽڪا ٻڌرائي چڪو آهي. راڄن جي چڱن مڙسن ۽ سردارن کي پٽڪو ٻڌرائڻ جي رسم کورواهه: پٽڪو راڄن جي چڱن مڙسن کي ٻڌايو ويندو آهي لاڙ ۾ پٽڪو ٻڌائي ڳوٺ راڄ جو چڱو مڙس چونڊيو ويندو آهي، پوءِ اهي راڄ ان چڱي مڙس جي پڳ ۾ هوندا آهن، جڏهن ته پٽڪو سردار کي به ٻڌايو ويندو آهي، سردار قبيلي جو چونڊيو ويندو آهي سردارن کي سنڌ جا ماڻهو وڏي اهميت ڏيندا آهن. علڻ فقير جو ٽور وارو پٽڪو ٻڌڻ جو انداز به مشهور کورواهه: سنڌ جو مشهور گلوڪار علڻ فقير اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي مٿي ٽور ڇڏيندو هو جيڪو خوبصورت لڳندو هو، ان جو انداز ماڻهن کي موهي وجهندو هو. سنڌ ۾ پٽڪي بابت ڪيتريون ئي چوڻيون مشهور ٿيل کورواهه: سنڌ ۾ پٽڪي بابت چوڻيون مشهور آهن، جهڙوڪ پٽڪو ڌوڙ ٿي ويو ۽ ڪهڙا پٽڪا ٻڌائي ڇڏئي معنيٰ ڪنهن جي عزت نه ڪرڻ. پٽڪو سنڌي ماڻهن جي ثقافت ۽ شان آهي تنهن کي اجاگر ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
|