ملڪاڻي شريف(رپورٽ: وشال ريٻاري) لاڙ جي بئراجي پٽي جي ۾ هفتي کان هلندڙ تيز طوفاني هوائن تباهي، مچائي ڇڏي آهي، ملڪاڻي شريف، خيرپورگنبوهه، سانگي فراهو، سمن سرڪار، پتافي ٽيل، محراب چانڊيو، روشن آباد، بکو چانڊيو، مرزا فارم، زنگيجا موري ۽ ٻين علائقن ۾ پوکيل فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، مرچن جو ٻيجارو مٽي هيٺ لٽجي سڪي سڙي ويو آهي، جڏهن ته انبن جي وڻن مان انبڙيون تيز هوائن جي لڳڻ سبب ڇڻي پٽ پئجي ويون آهن، لکين رپيا ڏئي باغن جا ٺيڪا کڻندڙ ٺيڪدار ڳڻتين ۾ ورتل آهن، لکين رپين جو نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي، تيز هوائن سبب ڪاروباري زندگي به مفلوج بڻجي وئي آهي، ماڻهون گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، جنهن ڪري شهرن جون بازارون ۽ روڊ رستا ويران نظر اچڻ اچڻ لگاآهن، طوفاني هوائن سبب موصلاتي ۽ بجلي جو نظام به درهم بر هم ٿي ويو آهي، بجلي جي ڊگهي لوڊشينڊنگ سبب ي هوٽلن ۽ ٿڌي دڪانن جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي، شهر جي دڪانن جا شٽر اڌ بند نظر آيا، دڪاندار گراهڪن جو انتظار ڪندي شام جو خالي هٿين گهر روانا ٿي رهيا آهن، جڏهن ته کرن ۾ پيل ڪڻڪ جي بوهه جا ڍير به اڏامڻ رهيا آهن، جنهن ڪري آبادگار پريشاني ۾ وٺجي ويا آهن. پوکيل ڀاڄيون مٽي ۾ لٽجي سڙڻ سبب ڪچين انڀڙين جي وڪري ۾ تيزي اچي وئي آهي.
فصل سڙي ويا، آبادگارن کي نقصان ٿيو آهي: آبادگار
ملڪاڻي شريف: ملڪاڻي شريف جي آبادگارن حاجي علي نواز دلواڻي، نظر بلوچ، اعجاز علي کوسو ۽ ٻين ٻڌايو ته تيز هوائن فصل ٻيجارو تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هڪ شاخن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ سبب ڪجهه فصل ۽ مرچن جو ٻيجارو پوکيو هو اهو به سڙي ويو آهي، آبادگارن کي نقصان ٿي رهيو آهي.
انبڙيون ڇڻي پٽ، انب وڻ خالي ٿي ويا آهن: ٺيڪيدار
ملڪاڻي شريف: انبن جي باغن جي ٺيڪيدار شوجي راوڙو سنيل ٺاڪر سليمان ۽ ٻين ،پنهنجي اخبار ،کي ٻڌايو ته تيز طوفاني هوائن جي لڳڻ سبب سوين مڻ ڪچيون انبڙيون ڇڻي پٽ پئجي ويون آهن وڻ خالي ٿي ويا آهن لکين رپين جا ٺيڪا کڻي پئسا ڏنا آهن اهي اسان جا ٻڏڻ جو خدشو آهي اسان تباه ٿي ويا آهيون .
پوکيل فصل 50 سيڪڙو متاثر، ضلعي توڙي صوبائي حڪومت اپاءُ نه ورتا
ملڪاڻي شريف: لاڙ پٽي ۾ وڏي عرصي کان پڇڙين ۾ پاڻي نه هجڻ سبب هڪ طرف مندائتي فصل جي پوکي نه ٿي سگهي هئي ته ٻئي پاسي پوکيل فصل طوفاني هوائن سبب 50 سيڪڙو متاثر ٿيو آهي، جنهن سبب علائقي ڏڪار جهڙين حالتن ڪر کنيو آهي، پر ضلعي توڙي صوبائي حڪومتن ڪو به اپاءُ ناهي ورتو