سجاول/ميرپوربٺورو(رپورٽر+ن پ ا) لاڙ جو البيلو راڳي محبوب خاصخيلي ڪجھه عرصي کان جگر جي بيماري ۾ مبتلا رھڻ بعد ڪالهه لاڏاڻو ڪري ويو، سندس تدفين اباڻي قبرستان ميان عبدالله شاهه ۾ ڪئي وئي، سندس جنازي نماز ۾ سياسي، سماجي، اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، وارثن موجب راڳي محبوب خاصخيلي ڪجھه عرصي کان جگر جي بيماري ۾ مبتلا ھو، ڪالهه اوچتو سندس طبيعت انتھائي خراب ٿي پئي، کيس جناح اسپتال ڪراچي نيو ويو، جتي سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو، مرحوم محبوب خاصخيلي لاڙ سميت سڄي سنڌ ۾ وڏي مڃتا ماڻي، جڏھن ته سندس 3 پٽ پڻ راڳ جي دنيا سان سلهاڙيل آهن، جڏھن ته سندس پٽ مجاھد خاصخيلي جو چوڻ هو ته بابا ڪجھه عرصي کان جگر جي بيماري ۾ مبتلا ھو، پر سرڪاري سطح تي ڪا به مدد نه ڪئي وئي، محبوب خاصخيلي جي وڇوڙي تي سجاول شھر اندر تمام وڏي سوڳ جي لھر ڇائنجي وئي آهي، مختلف سياسي سماجي ۽ ادبي حلقن پاران ٽن ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آھي.