لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ مختلف قومپرست جماعتن جي 50 کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن قوم پرست تنظيمن کي الوداع ڪندي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،زاهد علي بليدي، محمد حسن، ارشد انڙ، عديل ابڙو، هاتم سخي انڙ سميت جسقم، جسم، جساف ۽ ٻين قومپرست تنظيمن سان واسطو رکندڙ 50 کان وڌيڪ قومپرست ساٿين سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  اسين سڀ پاڪستاني آهيون، 23 مارچ قومي ڏهاڙي جي موقعي تي اسين حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ساک کڻي خاطري ٿا ڪرايون ته اسان وطن سان مخلص، رهنداسين، اڄ کانپوءِ اسان جو ڪنهن به تنظيم سان واسطو ناهي.