لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)لاڙڪاڻي جي دڙي ٿاڻي جي حد بيت المال ڪالوني ۾ ٻه سال اڳ پرڻيل سلمه زال فرحان کوکر کي جوابدارن ڏنڊا ۽ سِروٽا هڻي زخمي ڪري ويا، ناري کي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو، جتي عورت فوت ٿيڻ جي تصديق ڊاڪٽرن پاران ڪئي وئي. ان موقعي تي مقتولا جي مڙس فرحان کوکر ٻڌايو ته برادري جي بااثرن سان گهرو مسئلو هلندڙ آهي، برڪت کوکر، نور خاتون کوکر ۽ ٻين گهر ۾ گهڙي ڏنڊا ۽ سِروٽا هڻي منهنجي گهر واري سلمه خاتون کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته گهر واري جي قتل ۾ ملوث قاتلن کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي. ان حوالي سان دڙي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون پوليس جو وڌيڪ چوڻ ھو ته شروعاتي جاچ مطابق مقتولا عورت جي مڙس جو چوڻ آھي ته ميرو خان واسي پنهنجي برادي جي ماڻھن سان زميني تڪرار آھي ان باوجود به قتل جا ڪارڻ معلوم ڪيا پيا وڃن . هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد مقتولا عورت جو لاش لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي گهر کڻائي وياجتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.