لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ غريب ڪٽنب سان واسطو رکندڙ 10 جوڙن جي اجتماعي شادي جي تقريب، گهوٽ ۽ ڪنوار کي ڏاج ۽ تحفا ڏئي مبارڪباد ڏني وئي، جوڙن جا چهرا خوشيءَ وچان ٻهڪي پيا، گهوٽن تڪراري ڪئنالن خلاف نعريبازي ڪندي سنڌو درياهه جي حفاظت جو وچن ورجائيندي تڪراري ڪئنال منصوبو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ سماجي تنظيم النور ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران شهر جي مقامي شادي هال ۾ اجتماعي شادين جي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ گهوٽن امير علي بڙدي، عباس علي، مسعود احمد، وسيم علي، عامر علي، وقار علي، عمران علي، اعجاز علي، امير علي، امتياز علي جي اجتماعي شادي ڪرائي کين ڏاج، نوٽن ۽ گلن جا هار پارائي تحفا ڏئي مبارڪباد ڏني،ان موقعي تي گهوٽن پنڊال ۾ “ڪئنال سمورا نامنظور”، “سنڌو تي ڌاڙو نامنظور” جا نعرا هنيا.