لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ قمبر تعلقي جي ڳوٺ گهوگهاري جي رهواسي مدد علي کچي، سڪندر علي کچي، عبدالفتاح کچي ۽ ٻين سان گڏجي مبينا ڀتي وٺڻ خلاف پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس ڪندي چيو ته منهنجي 200 جريب زرعي زمين آهي، هن الزام لڳايو ته 7 مهينا اڳ علائقي جي بااثر مون کان 40 لک رپيا ڀتو گهريو، بعد ۾ بااثر طرفان 40 لکن بدران 10 لک رپيا ڀتو گهريو ويو، جنهن کان به اسان انڪار ڪري ڇڏيو، هن چيو ته جوابدارن اسان مٿان حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد 35 هزار رپيا روڪ رقم، ۽ ٻيو سامان ڦر ڌمڪيون ڏئي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.