لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پوليس آريجا ڦيڙهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل محمد عمراڻي ۾ 4 ڏينهن اڳ مبينا ڪارنهن تڪرار تان ھٿياربندن فائرنگ ڪري 50 ورهين جي پيرسن پورهيت بشير احمد عمراڻي کي ٿڏي تي قتل ڪري سندس لال پري خاتون، ڌيءَ حاجاڻي، 20 ورهين جي پٽ بخت علي ۽ 25 ورهين جي نوجوان صدام حسين عمراڻي کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا هئا، پوليس ڪارروائي ڪري واقعي ۾ ملوث 2 مُک جوابدارن کي گرفتار ڪري قتل ۾ استعمال ڪيل هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايس ايس پي احمد چوڌري موجب گرفتار جوابدارن ۾ علي گل عمراڻي ۽ غلام حسين عمراڻي شامل آهن، جن وٽان غيرقانوني ڊبل بيرل بندوق ۽ پسٽل هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.