لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي مصروف علائقي اسٽيشن روڊ تي گٽرن جا ڍڪ نه ھجڻ سبب حادثا معمول بڻيل آهن، ان ڏس ۾ گٽر نالي جا ڍڪ نه هجڻ سبب ڪيتريون ئي موٽر سائيڪلون، چنگچي رڪشا ۽ ڪارن جا ٽائر ڦاسڻ سبب حادثا پيش اچن ٿا، شهرين صدام حسين، جاويد احمد، دراز سوھو، وڪيل احمد ۽ ٻين جو چوڻ هو ته عيد الفطر کان اڳ مين گٽر نالي جي صفائي ڪرائي وئي جنهن کان پوءِ ڪجهه گٽرن مٿان ڍڪڻ ناهن لڳايا ويا، عملي جي اهڙي لاپرواهي سبب حادثا پيش اچي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته گٽرن تي ڍڪ لڳرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.