لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ مبينا گهرو اڻبڻت تان جوابدار پنهنجي گهر واري 2 ٻارن جي ماءُ کي مبينا گهرو اڻبڻت تان تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي خلاف مقتولا جي وارثن جو احتجاج، شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻچو ٻوراهو ۾ جوابدار مڙس مبينا گهرو اڻبڻت تان پنهنجي گهر واري ٻن ٻارن جي ماءُ سويره بروهي کي تشدد جو نشانو بڻائي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو جتي زخمي عورت دم ڏئي ڇڏيو. مقتولا جي امڙ اميران بروهي پنهنجي ڌيءَ سائره بروهي ۽ ٻين سان گڏجي احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته شادي بعد ناٺي منهنجي ڌيءَ سويره کي خرچ نه ڏيندو هو، گهر جو خرچ گهرڻ تي کيس تشدد جو نشانو بڻائيندو هو، جوابدار ڌيءَ سويره کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي گهٽا ڏنا، منع ڪرڻ تي هن مون کي ڌڪا ڏنا بعد ۾ مان پنهنجي ڌيءَ سويره کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٽراما سينٽر داخل ڪرايو جتي ڌيءَ زخمن جا سور نه سهندي تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو.هن مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.