لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ ترڪ چوڪ واسي مهينو اڳ گم ٿي ويل ذهني مريض نوجوان عرفان علي شاهاڻيءَ جي ڳولا ۾ مدد لاءِ سندس وارثن هٿن ۾ تصويرو وارو بئنر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي گم ٿي ويل نوجوان جي پيرسن والد ممتاز علي شاهاڻي پنهنجي پٽن رضوان، توفيق احمد، ڀاءُ اظهر علي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ نصير ڪلهوڙو، ۽ ٻين وارثن سان گڏجي دانهدي چيو ته منهنجو 35 ورهين جو پٽ عرفان علي شاهاڻي گذريل 10 ورهين کان ذهني مريض آهي جيڪو مختلف وقتن تي گهران نڪرڻ بعد واپس گهر ايندو هو جيڪو گذريل 27 مئي تي رات نائين وڳي اوچتي گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو، جنهن کي مختلف علائقن توڙي مٽ مائٽن وٽ ڳولا ڪرڻ سان گڏ حد جي دڙي ٿاڻي تي سندس گمشدگيءَ جو اطلاع پر ان جي باوجود پٽ جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو ۽ نه ئي پوليس پٽ جي ڳولا ۾ سنجيده آهي جنهن ڪري سمورا گهرڀاتي سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهيون. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته گم ٿي ويل پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.