لاڙڪاڻي ۾ گم ٿيل پورهيت بيدرديءَ سان قتل، نازڪ عضوا وڍيل لاش هٿ

0
21
لاڙڪاڻي ۾ گم ٿيل پورهيت بيدرديءَ سان قتل، نازڪ عضوا وڍيل لاش هٿ
لاڙڪاڻي ۾ گم ٿيل پورهيت بيدرديءَ سان قتل، نازڪ عضوا وڍيل لاش هٿ

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر ڀرسان ماهوٽا ٿاڻي جي حد چوهڙپور ريگوليٽر وٽ گوڪل پور واسي 4 ٻارڙن جي والد 50 ورهين جي پورهيت غلام مصطفيٰ جوڻيجو جو نازڪ عضوا وڍيل لاش هٿ اچڻ تي علائقي واسين حد جي ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو،  ان موقعي تي مقتول جي پٽ غلام مرتضيٰ جوڻيجو پنهنجي وارثن سان گڏجي دانهيندي ته منهنجو والد عبدالسلام آرائين جي زمينن جي ڪمداري ڪندو هو، جيڪو گذريل ڏينهن گھران نڪرڻ بعد گهر واپس نه موٽيو، پوليس اطلاع ڏنو ته والد جو لاش چوهڙ پور ريگيوليٽر وٽ پيل آهي ۽ سندس جا نازڪ عضوا وڍيل آهن، هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي بيگناهه والد جا نازڪ عضوا ڪٽي کيس بيدرديءَ سان قتل ڪري اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي. هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.ٻي طرف پوليس جو چوڻ هو ته مقتول جي سڃاڻپ ڳوٺ گوڪل پور واسي ٽريڪٽر ڊرائيور غلام مصطفيٰ جوڻيجو طور ٿي آهي، غلام مصطفيٰ جوڻيجو جا تيز ڌار اوزار سان نازڪ عضوا وڍيل آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.