لاڙڪاڻي ۾ گداگري ڪندڙ 2 نينگريون پراسرار نموني گم

0
43
لاڙڪاڻي ۾ گداگري ڪندڙ 2 نينگريون پراسرار نموني گم
لاڙڪاڻي ۾ گداگري ڪندڙ 2 نينگريون پراسرار نموني گم

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد رحمت پور گاسليٽ ڊيپو واري علائقي جي رهواسڻ گداگري ڪندڙ ٻه نينگريون مبينا طور گهران نڪرڻ بعد پراسرار نموني گم ٿي ويون، وارثن نينگرين جون تصويرون کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، ان موقعي تي سموسا وڪرو ڪندڙ پورهيت شفقت عباس سمون پنهنجي سيلون هلائيندڙ پورهيت سئوٽ شاهد علي سمون سان گڏجي دانهيندي چيو ته اسان جون نياڻيون 14 ورهين جي دعا بتول ۽ 13 ورهين جي سونيه پراسرار نموني گم ٿي ويون آهن، ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نينگرين جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.