لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) اسسٽنٽ ڪمشنر راجا قريشي جي هدايتن تي مختيارڪار فهيم الله رند طرفان سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم سان گڏجي شهر جي وڳڻ روڊ نور ڪالوني ۾ ڪارروائي ڪري انساني صحت لاءِ هاڃيڪار مرغين جي ٽنگن مان مختلف شيون ٺاهيندڙ لاهور واسي ٽن ڄڻن نظير احمد آرائين، محمد ساجد آرائين ۽ محمد سلطان آرائين کي پوليس هٿان گرفتار ڪرائي گهر کي سيل ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان اسسٽنٽ ڪمشنر راجا قريشي ٻڌايو ته نور ڪالوني جي گهر تي ڇاپو هڻي مرغين جي ٽنگن مان انساني هاڃيڪار شيون ٺاهيندڙ لاهور واسي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري گهر کي سيل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته مرغين جي ٽنگن مان ٺاهيل شيون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري چڪاس لاءِ ليبارٽري اماڻي ڇڏيا آهن.