لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز کاتي جي صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر ۽ سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري جي هدايتن تي اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز کاتي طرفان ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر محمد محفوظ مڪاني جي نگرانيءَ ۾ شهر جي پي ٽي ايس ڪرڪيٽ گرائونڊ تي منعقد ڪيل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي پهرين سيمي فائنل ميچ ۾ گلوبل ڪرڪٽ ڪلب لاڙڪاڻو جي ٽيم 191 رنسون ٺاهي پنهنجي مخالف طاهر شاهه ڪرڪيٽ ڪلب رتوديرو جي ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي. ٻي سيمي فائنل ميچ ۾ الشهباز ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻو جي ٽيم 188 رنسون ٺاهي پنهنجي مخالف شاهه لطيف ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻو جي ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. ان موقعي تي مهمان خاص سپريٽيڊنٽ انجنيئر شاهه محمد باجڪاڻي ۽ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر محمد محفوظ مڪاني رانديگرن سان ملاقات ڪري کين زبردست ڪرڪيٽ راند جو مظاهرو ڪرڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني. ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ارسلان قاضي، رياض احمد عباسي، سليمان ميراڻي، طارق حسين بليدي، عبدالباري، وقار علي، زاهد علي، عبدالوهاب بگٽي، مظهر علي سميت ڪرڪيٽ راند جي شوقينن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري رانديگرن جي زبردست حوصلا افزائي پڻ ڪئي.