لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گھٽجي نه سگهيو، رولو ڪتن هڪ ئي ڏينهن ۾ 10 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو آهي جن ۾ 55 ورهين جو پيرسن زين العابدين، 30 ورهين جو سڪندر، 48 ورهين جو لعل ڏنو، 45 ورهين جو محمد عمار، 30 ورهين جو عامر علي ۽ ٻيا شامل آهن جن کي سندن وارثن ڌار ڌار زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي ڪتي جي ڏاڙهيل سمورن زخمين کي بروقت ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو. ان حوالي سان ويڪسين سينٽر جي عملي جو چوڻ هو ته ڪتي ڏاڙهيل زخمين جو تعلق شهر ۽ آسپاس وارن علائقن سان آهي جن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن، سينٽر تي آيل سمورن ڪتي جي ڏاڙهيل زخمين کي بروقت ويڪسين لڳائڻ سان گڏ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن زخمين جي وارثن ضلعي انتظاميه کان گهر ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪتا مار مهم شروع ڪري رولو ڪتن جي آزار کان بچايو وڃي.