لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀروارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، ڪتن هڪ ئي ڏينهن 16 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ 30 ورهين جو مختيار علي، 8 ورهين جي صنم، 7 ورهين جي آمنه، 4 ورهين جي ٻارڙي بي بي بچل، 40 ورهين جو وحيد علي سميت ٻيا شامل آهن. زخمين کي سندن وارثن طرفان ڌار ڌار کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر منتقل ڪيو ويو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو. علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي ڪتا مار مهم هلائي وڃي.