لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀروارن وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گھٽجي نه سگهيو، رولو ڪتن هڪ ئي ڏينهن 17 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 30 ورهين جو دلدار، 5 ورهين جو ساجد علي، 32 ورهين جي افسانه، 8 ورهين جو هالار، 60 ورهين جي ڀاڳل خاتون، 45 ورهين جي زڪيا خاتون، 20 ورهين جو فيضان علي ۽ ٻيا شامل آهن، ڪتي جي ڏاڙهيل سمورن زخمين کي سندن وارثن طرفان ڌار ڌار کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر منتقل ڪيو ويو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو.