لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد ميروخان چوڪ اناج منڊي واري علائقي ۾ ڇٽو ۽ لاشاري ذات جي ٻن ڌرين وچ ۾هلندڙ ڪارنهن تڪرار واري معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، پوليس اهلڪارن جي موجودگيءَ ۾ ٻئي ڌريون هٿئين پئجي هڪٻئي مٿان خنجرن، لوهي سيخن، تيز ڌار اوزارن ۽ لٺين سان حملو ڪري ڏنو، جھيڙي م ڊرائيور رياض حسين لاشاري سندس ڀينرون صائمه، حليمان، عزت خاتون، ڀيڻيويو ضمير شيخ، رشتيدار عاشق چانڊيو سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف ٽئڪسي ڊرائيور رياض حسين لاشاري پنهنجي زخمين ڀينرن ۽ ٻين وارثن سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان بااثنر خلاف احتجاج ڪيو، جوابدارن منهنجي ڀاڻيجي سميران خاتون جي گهر ۾ گهڙي کيس زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، علائقي واسين هڪ جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو، پوليس جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو، جنهن بعد بااثر جوابدارن اسان مٿان حملو ڪري زخمي ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.