لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ٻه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد بيت المال ڪالوني ۾ عدالت ۾ ٻڌڻي بعد هٿياربندن هٿان قتل ڪيل ماهوٽا ڀرسان ڳوٺ ڪوڏراڻي واسي 50 ورهين جي پورهيت نظير احمد ڪوڏراڻي ابڙو ۽ سندس زال 34 ورهين جي فرزانه زنگيجو کي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن خميسو شيخ جي گهر ۾ پناھ ورتل جوڙي کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا هئا. اهڙي واقعي جو ڪيس شهر جي دڙي ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ اي ايس آءِ حاڪم علي شيخ جي فرياد تي 9 جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آهي جنهن ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدارن نظير زنگيجو، حاجي زنگيجو، وسند زنگيجو، علي حسن زنگيجو، عظيم زنگيجو، سيف الله زنگيجو، رحمت الله زنگيجو، نعمت الله زنگيجو ۽ نظام زنگيجو ڪارنهن الزام هيٺ هٿيارن سان فائرنگ ڪري نظير احمد ڪوڏراڻي ابڙو ۽ زال فرزانه زنگيجو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. ڪيس جي متن موجب خميسو خان شيخ جي گهر ڀرسان ڪچي آبادي بيت المال ڪالوني ۾ گشت دوران خميسو خان شيخ جي گهر مان فائرن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جو ٿوري دير ۾ سندس گهر مان ڳوٺ گوڪل پور واسي جوابدارن نظير زنگيجو، حاجي زنگيجو، وسند زنگيجو، علي حسن زنگيجو، عظيم زنگيجو، سيف الله زنگيجو، رحمت الله زنگيجو، نعمت الله زنگيجو ۽ نظام زنگيجو هٿيارن سان فائرنگ ڪري نظير احمد ۽ فرزانه زنگيجو کي قتل ڪرڻ بعد نعرا هڻندا ته اسان ڪارو ڪاري ماريو آهي، چوندي فرار ٿي ويا، ان حوالي سان دڙي ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.