لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پوليس ڊي ايس پي حيدري پارس بکراڻي ۽ اينٽي نارڪوٽس اينڊ ڪرائيم ڪنٽرول جي ڊائريڪٽر يونس امين جي اڳواڻيءَ ۾ نشي جي عادي ماڻهن کي سوگهو ڪرڻ لاءِ شهر جي اولڊ ٽئنڪ چوڪ، الهه آباد، مڇي مارڪيٽ،امپائر روڊ، سبزي منڊي سميت مختلف علائقن ۾ گرينڊ آپريشن ڪري 100 کان وڌيڪ نشي جي عادي ماڻهن کي سوگهو ڪيو، جنهن دوران ڪيترن ئي نشي جي عادي ماڻهن طرفان پوليس سان مزاحمت ڪندي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي جن کي پڪڙي پوليس موبائل ۾ ويهاري ٿاڻن تي منتقل ڪيو ويو.