لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس گٽڪن جي سپلاءِ ناڪام بڻائيندي بين الصوبائي منشيات فروش جي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار به شامل آهي، پوليس موجب انڊس هاءِ وي بروهي چوڪ وٽ ڪارروائي ڪري لکين روپيا ماليت جا ساڍا 3 مڻ گٽڪن جا 12 ٻورا ڪار ۽ بغير لائسنس پسٽل هٿ ڪري ٻن جوابدارن پوليس اهلڪار اورنگزيب جتوئي ۽ سليم لنجواڻي کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب جوابدارن خلاف سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب گرفتار منشيات فروشن جو واسطو بين الصوبائي منشيات فروش گروهه سان آهي، ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.