لاڙڪاڻي ۾ ڦر دوران زخمي ٿيل واپاريءَ دم ڏئي ڇڏيو، شٽربند هڙتال، لاش رکي ڌرڻو

0
18
لاڙڪاڻي ۾ ڦر دوران زخمي ٿيل واپاريءَ دم ڏئي ڇڏيو، شٽربند هڙتال، لاش رکي ڌرڻو
لاڙڪاڻي ۾ ڦر دوران زخمي ٿيل واپاريءَ دم ڏئي ڇڏيو، شٽربند هڙتال، لاش رکي ڌرڻو

لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾5 ڏينهن اڳ شب برآت وري رات دوران ڦر مزاحمت تي زخمي ٿيل واپاري سنجي ڪمار اسپتال ۾ فوت، واقعي خلاف قومپرست ۽ واپاري تنظيمن طرفان ڌار ڌار ڌرڻا، شٽربند هڙتال، شهر جي دڙي ۽ مارڪيٽ ٿاڻن جي حد باقراڻي روڊ ۽ مڇي مارڪيٽ وارن علائقن ۾ ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن هڪٻئي پٺيان ڪارروائي ڪري ٻن هندو واپارين سنجي ڪمار ۽ رونق آهوجا کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا هئا. اهڙن واقعن جا ڪيس ڌار ڌار حد جي ٿاڻن تي پوليس جي فرياد تي داخل ڪيا ويا هئا،زخمين کي ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي سنجي ڪمار علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، مقتول واپاري جو مڙهه ايمبولينس ذريعي ڪراچي کان لاڙڪاڻي شهر جي ايس ايس پي چوڪ آندو ويو جتي مقتول جي وارثن ۽ هندو برادري طرفان لاش ايمبولينس ۾ رکي ايس ايس پي چوڪ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو، ڌرڻي ۾ ڊاڪٽر ديالي گل، هندو پنچائت جي وائيس چيئرمين جئي راج، موتي لال، ڪيلاش ڪمار، ڊاڪٽر ولي رام، سريش، پرڪاش لال، ڊاڪٽر راجيش ڪمار سميت جسقم جي مرڪزي اڳواڻ اطهر سومرو، غلام مرتضيٰ شيخ، جاويد احمد چنا، وقار احمد شيخ، عبدالمنان شيخ، وقار شيخ، محسن شيخ، آصف علي شيخ، جي ڊي اي جي يوسي چيئرمين حفيظ سامٽيو سميت واپارين ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري سخت نعريبازي پڻ ڪئي.اڳواڻن چيو ته پوليس شهرين ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي پر اسين واپاري ۽ شهري پنهنجي حفاظت ڪرڻ پاڻ ڄاڻون ٿا،سنجي ڪمار جو لاش کڻي سراپا احتجاج آهيون پر افسوس جو ڪو به چونڊيل نمائندو، ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، ڊي آءِ جي توڙي ايس ايس پي لاڙڪاڻو اسان وٽ لڙي ناهي آيو. هنن مطالبو ڪيو ته مقتول سنجي ڪمار جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري هندو برادري سان گڏ پوري شهر جي واپاري برادري کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو، بعد ۾ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو ، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن رات دير سان مقتول سنجي ڪمار جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون.