لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر ۾ ڦر، ڦورن جي موبائيل فون هٿ، پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ڳٽ جوڙ ۽ سرپرستي، ايس ايچ او سميت مختلف ماڻهن طرفان ڏوهارين سان رابطي جو انڪشاف، ايس ايس پي نوٽيس ورتو، شڪي گرفتار، خبر موجب شهر جي علي آباد محلي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڳوٺ ميان خان ککراڻي واسي ارشد ککراڻي، برڪت علي ۽ الھه وڌايو کان موٽرسائيڪل ۽ 18 هزار روپيا ڦر ڪري ورتا، جڏهن ته مزاحمت تي هٿياربندن ارشد ککراڻي کي هٿيارن جا بٽ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، مزاحمت دوران ڦورن جو موبائيل فون ڪِري پيو، جيڪو متاثرن هٿ ڪري ورتو، ٻڌايو پيو وڃي ته هٿ ڪيل موبائيل فون وسيلي خبر پئي آهي ته ڦر واري واقعي دوران ڦورن سان ايس ايچ او سچل احمد علي اوڍو توڙي ٻيا بااثر ماڻهو مسلسل رابطي ۾ هئا، هوڏانهن اهڙي معاملي جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران نوٽيس وٺندي اي ايس پي عتيق الرحمان کي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، پوليس ذريعن موجب ڏوهارين جي هٿ ڪيل موبائيل فون مان پوليس توڙي ٻين ڪيترن ئي بااثرن جا موبائيل فون نمبر هٿ آيا آهن، جنهن کان پوءِ پوليس ٻن ڌار ڌار سِمن جي سي ڊي آر ڪڍرائي ورتي آهي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڏوهارين جي سرپرستي ڪندڙن بابت وڌيڪ انڪشاف ٿيڻ جا پڻ امڪان آهن، هوڏانهن واقعي جو وحيد چانڊيو، آصف چانڊيو ۽ هڪ اڻ سڃاتل جوابدار خلاف داخل ڪيو ويو آهي، پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي ڪجهه شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏيو آهي.