لاڙڪاڻو( رپورٽ نادر ابڙو ) لاڙڪاڻي ۾ بدامني، ڏوهاري ڏينهن ڏٺي جو سون جي دڪان ۾ گهڙي ڪروڙين رپين جو سونا زيور، 7  لک رپيا روڪ رقم، موبائيل فون ٻيو سامان ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا، متاثر سوناري طرفان ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪري سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائڻ جي گهر ڪري ڇڏي، واقعي کان پوءِ واپاري برادري ۾ خوف ۽ حراس پکيڙيل، اي ايس جي واپارين کي خاطري، پوليس واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد شهر جي اهم ڪاروباري مرڪز ريشم بازار ۾ ٽن ڏوهارين ڏينهن ڏٺي جو مشهور آر ايم جيولرز تي ڪاهه ڪري هٿيارن جي زور تي جيولرز دوڪان هلائيندڙ سنتيش ۽ ساحل ڪمار کي يرغمال بڻائي ڪروڙين رپين جي ماليت جا سونا زيور، 7 لک روپيا روڪ رقم، موبائيل فون ۽ والٽ جي ڦرلٽ ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا، اطلاع تي حد جي مارڪٽ ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا جڏهن ته واقعي بعد ريشم گهٽي ۽ شاهي بازار جي واپارين ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو. جڏهن ته صرافه ايسوسئيشن جي صدر مهتاب علي شيخ، ڪلاٿ مرچنٽ ايسوسئيشن جي صدر محمد علي شيخ، اڳوڻو ميئر ۽ واپاري اڳواڻ خير محمد شيخ توڙي ٻين واپاري واقعي واري هنڌ پهچي متاثر واپاري سان ملاقات ڪري کيس هر ممڪن سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي. ٻئي پاسي اهڙي اطلاع تي اي ايس پي سٽي عتيق الرحمٰن واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري دوڪان مالڪ ساحل ڪمار ۽ سندس ڀاءُ سنتيش ڪمار کان معلومات ورتي ۽ کين خاطري ڪرائي ته 24 ڪلاڪن ۾ واقعي کي ٽريس ڪري ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪري سونا زيور واپس ڪرايا ويندا. ان حوالي سان جيولرز جي مالڪ ۽ سون جي واپاري ساحل ڪمار ٻڌايو ته اڄ  ٻٽ ٻڌل ٻن هٿياربند ڏوهارين دوڪان ۾ گهڙي سڀ کان پهريان سي سي ٽي وي ڊوائيس جون تارون ڪڍي ان کي مڪمل طور بند ڪرڻ بعد ڀاءُ سنتيش ڪمار مٿان هٿيار تاڻي دوڪان ۾ پيل ساڍا 900 گرام سونا زيور جنهن ۾ سوني چين، منگستر، جوڙيون، مرداڻه ۽ ٻاراڻيون منڊيون، چينيون، بريسليٽ، لاڪيٽ، 7 لک روپيا روڪ رقم، موبائيل فون ۽ هڪ واليٽ جنهن ۾ اي ٽي ايم ڪارڊ ۽ ٻيا ضروري ڪاغذ موجود هئا انهن جي ڦرلٽ ڪرڻ بعد ڀاءُ سنتيش کي تشدد جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا آهن. هن چيو ته واقعي ۾ ٻه نه پر ٽي ڏوهاري ملوث آهن ڇاڪاڻ واقعي بعد جڏهن ٻن ڏوهاري ڦرلٽ ڪئي ته دوڪان ٻاهران ٽيون ڏوهاري به بيٺو هو بعد ۾ ٽئي ڏوهاري گڏجي فرار ٿي ويا. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪري سونا زيور، روڪ رقم، موبائيل فون ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي انصاف ڏئي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ تي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته پيش آيل واقعي ۾ 300 گرام سون ڏوهاري کڻي ويا آهن جنهن جي ماليت ڪروڙين روپيا آهي. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ريشم گهٽي جي مختلف هنڌن تان سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي تمام جلد ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويندو.