لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن پاڪستان جي اڳواڻن طرفان ڏهرڪي جي لبرٽي پاور پلانٽ مان پورهيتن جي برطرفي ۽ ملازمن جون پگهارون بند ڪرڻ واري عمل خلاف لاهوري محلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شھر جي مختلف روڊن رستن تان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي، جتي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ريليءَ ۾ شامل مزدورن هٿن ۾ جهنڊا ۽ بينر کڻي ڏهرڪي جي لبرٽي پاور پلانٽ مان برطرف ڪيل پورهيتن جي حقن ۾ اڀ ڌاريندڙ نعاريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ پورهيت اڳواڻن ڪامريڊ قادر ڪرد، بخت سولنگي، عاشق شيخ، فاروق سولنگي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 20 ڏينهن اڳ لبرٽي پاور پلانٽ ڏهرڪي ۾ ورهين کان ڪم ڪندڙ 9 پورهيتن کي برطرف ڪري کين پگهارن کان محروم رکيو ويو آهي، جنهن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته مزدور پنهنجي رت ولوڙي سخت محنت ڪري ادارن کي ڪامياب بڻائي ٿو، پر موٽ کيس گهٽ اجرت ڏيڻ ۽ وري بنا جواز برطرف ڪرڻ ڪڌو عمل آهي، اهڙو واقعو ڏهرڪي شهر جي ليبر ٽي پاور پلانٽ ۾ پيش آيو آهي، جتي ڪجهه ڏينهن اڳ 9 پورهيتن کي بيروزگار ڪري سندن گهرڀاتين کي لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، جن جي حمايت ۾ وطن دوست فيڊريشن پاڪستان پاران احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، اسان ڏهرڪي شهر جي ليبر ٽي پاور پلانٽ جي اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور برطرف ڪيل پورهيتن کي بحال ڪري ملازمن جون پگهارون جاري ڪري ڇانيل بي چيني ختم ڪئي وڃي، نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.