لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي رائل روڊ وٽ قائم هندو ڌرم شالا جي 200 سالا قديمي دروازي کي مبينا طور ٽوڙي قبضي جي ڪوشش ڪرڻ واري معاملي تان هندو پنچائت لاڙڪاڻو جي چيئرمين هريش لال پنهنجي پنچائت جي ٻين اڳواڻن ۽ برادري جي ماڻهن سان گڏجي واقعي واري هنڌ پهتو جتي هندو برادري طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو پڻ هنيو ويو. ان موقعي تي هندو پنچائت جي چيئرمين هريش لال پنهنجي برادري جي ماڻهن ڊاڪٽر ولي رام، جئي راج ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته دليپ سوئيٽ جو مالڪ دليپ طرفان هندو ڌرم شالا جي 200 سالا پراڻي دروازي کي ٽوڙي مزدور گهرائي اتي بغير اجازت جي غيرقانوني اڏاوت ڪري رهيو آهي، جنهن کي اسان منع ڪئي ان تي هن اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن چيو ته هندو ڌرم شالا اسان هندو برادري جو مذهبي هنڌ آهي جتي اسين مختلف مذهبي تقريبون ڪوٺائي پوڄا پاٽ ڪندا آهيون پر ڪجهه قبضي خور هندو ڌرم شالا جي ايراضي تي قبضو ڪري رهيا آهن جنهن ڪري هندو برادري ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي. هنن لاڙڪاڻي جي انتظاميه کي اپيل ڪئي ته غيرقانوني ۽ ناجائز اڏاوت ڪندڙ دليپ ۽ ٻين ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪري هندو برادري ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻئي طرف الزام هيٺ آيل دليپ ڪمار رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته لڳايل الزام بي بنياد آهن مون وٽ دڪان جي لکت آهي جنھن ايراضي تي اڏاوتي ڪم ڪرائي رهيو آهيان هن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته هندو پنچائت جي اڳواڻن کان پڇاڻو ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.