لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي اربين رپين جي بجيٽ هوندي شهر ۾ ڊرينيج جو نظام ناڪارا بڻيل، عيدالفطر جي موقعي تي به ميونسپل ڪارپوريشن شهر مان گٽرن ۽ نالين جو گندو پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگهي، جنهن ڪري شهر جي ميروخان چوڪ، لاڙڪاڻو-رتوديرو روڊ تي گٽرن ۽ نالين جو پاڻي جمع ٿيڻ سبب شهري سخت مشڪلاتن جي ور چڙهي ويا، ان حوالي سان علائقي واسين سميت اچ وڃ ڪندڙ شهرين ڪاشف علي، حبدار حسين، واصف علي، اختيار حسين سميت ٻين دانهيدي چيو ته ڊرينيج نظام خراب هئڻ ڪري ڪيترن ئي ڏينهن کان روڊ تي گندو پاڻي تلاءَ جي صورت ۾جمع ٿي ويو آهي، جنهن سبب معصوم ٻار، عورتون، بزرگ ۽ عام شهري سخت تڪليفن جو شڪار آهن.هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا ميونسپل ڪارپوريشن کي شڪايتون ڏنيون ويون، پر باوجود يوسي چيئرمين ۽ صفائي عملي طرفان ڪوبه قدم نه کنيو ويو. نتيجي ۾ علائقي ۾ بدبوءِ پکڙجي وئي آهي ۽ چمڙي جي بيمارين ڦهلجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. علائقي واسين ۽ اچ وڃ ڪندڙ شهرين وڌيڪ چيو ته ميونسپل ڪارپوريشن جي اربين رپين جي سالياني بجيٽ هجڻ باوجود صفائي سٿرائي، خوبصورتي ۽ بنيادي سهولتن تي خرچ نه پيو ٿئي. انتظاميه جي بي ڌياني سبب شهيدن جو شهر لاڙڪاڻو گٽرن ۽ نالين جي گندي پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي، ميروخان چوڪ ۽ لاڙڪاڻو-رتوديرو روڊ جمع ٿيل گندو پاڻي بيٺل هجڻ ڪري رستن تي کڏا پئجي ويا آهن، جنهن سان ٽريفڪ حادثن جو معمول بڻيل آهي، هنن چيو ته عيدالفطر جي موقعي تي به سندن علائقا گندي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن،هنن مطالبو ڪيو ته علائقي ۾ صفائي ڪرائي گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.