لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس پهريون ڀيرو ڊرون ڪئميرا جي مدد سان چوپائي مال جي چوري جي اطلاع تي بروقت ناڪابندي ڪندي مبينا مقابلي ۾ 3 ڏوهاري زخمي، پوليس طرفان 4 مينهون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ، پوليس ذريعن موجب پوليس ٽنهي ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان ايس ايس پي روحل کوسو ٻڌايو ته وليد ٿاڻي جي حد وليد ڪالوني واري علائقي ۾ شهري زاهد حسين عباسي جون 4 مينهون چوري ٿي ويون، ناڪابندي ڪندي ڊرون ڪئميرا جو استعمال ڪندي جوابدارن سان مقابلو ڪيو، جنهن ۾ 3 ڏوهاري زخمي ٿيا، 4 مينهون هٿ ڪيون ويون، ٻئي پاسي پوليس زخمي جوابدارن جي گرفتاريءَ جو ذڪر ناهي ڪيو.