لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان ماهوٽا جي ڳوٺ گوڪل پور ۾ 12 ورهين جي نينگري زهره بتول ڌيءَ نظر محمد زنگيجو بجلي جي 11 هزار تارن ۾ وچڙي ڪرنٽ لڳڻ سبب سڙي سخت زخمي ٿي پئي، نينگري کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نينگري جي پيءُ نظر محمد زنگيجو ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ گهر ٻاهران خالي پلاٽ تي ڇيڻا ٿڦي رهي هئي جتي اوچتي بجلي جي 11 هزار تارن ۾ وچڙي ڪرنٽ لڳڻ سبب سڙي فوت ٿي وئي.