لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئر کاتي جي صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر ۽ سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري جي هدايتن تي اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز کاتي جي سهڪار سان سنڌ پنڪ گيمز جا مقابلا ڪالهه ٻئي ڏينهن به جاري رهيا. ان سلسلي ۾ شهر جي ايم اي کهڙو ڪامپليڪس ۾ ڇوڪرين جي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائي وئي جنهن ۾ مختلف تعليمي ادارن جي ٽيمن حصو ورتو. ٽورنامينٽ ۾ سخت ۽ دلچسپ مقابلي کان پوءِ آءِ بي اي پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻو ۽ سچل پبلڪ اسڪول جي ٽيمن پنهنجي پنهنجي مخالف ٽيمن کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهتيون. اهڙي طرح فائنل مئچ ۾ آءِ بي اي پبلڪ اسڪول جي ٽيم 60 رنسون ٺاهي چئمپين جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو جڏهن ته سچل پبلڪ اسڪول جي ٽيم ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جي پويان لڳندي 40 رنسن ڍير ٿي وئي. اهڙي طرح آءِ بي اي پبلڪ اسڪول جي ٽيم سچل پبلڪ اسڪول جي ٽيم کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي چئمپين جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو. ان موقعي تي مهمان خاص ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر محمد محفوط مڪاني طرفان ونر ۽ رنر اپ ٽيمن جي رانديگرياڻين ۾ ٽرافيون، ميڊلس، سرٽيفڪيٽ ۽ انعام ورهائي کين مبارڪباد پڻ ڏني.