لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) اسلام جي سربلندي لاءِ لازوال قرباني ڏيندڙ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس باوفا ساٿين جو چاليهو انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، لاڙڪاڻي ضلعي مان 44 ماتمي جلوس برآمد ٿيا ۽ 65 مجلسون برپا ڪيون ويون، جن مان 5 ماتمي جلوسن ۽ مجلسن کي حساس قرار ڏيندي سيڪيورٽي لاءِ  سوين پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو، چاليهي جو مرڪزي ماتمي جلوس سيد جاڙل شاهه امام بارگاهه کان برآمد ٿيو، جيڪو پنهنجي روايتي رستن کان ٿيندو شام جي وقت شهر جي پاڪستاني چوڪ وٽ اختتام پذير ٿيو، جنهن ۾ شهر جي مختلف علائقن مان نڪتل ماتمي جلوس شريڪ ٿيا، عزاداريءَ دوران زخمي ٿيل عزادارن کي فوري طور طبي امداد ڏيڻ لاءِ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ويون هيون، جڏهن ته ذاڪرن پاران ڪربلا جي ميدان ۾ دين اسلام جي سربلنديءَ لاءِ قرباني ڏيندڙ شهيدن تي روشني وڌي، چهلم جي موقعي تي شهر جي پاڪستاني چوڪ، بندر روڊ، رائل روڊ، اسٽيشن روڊ، لاهوري محلا، باقراڻي روڊ، شيخ زيد ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ ٿڌي پاڻيءَ جون سبيلون لڳائي لنگر نياز جو اهتمام ڪيو ويو، ماتمي جلوسن توڙي مجلسن جي ايس ايس پي آفيس مان سي سي ٽي ڪئميرائن ذريعي مانيٽرنگ ڪئي وئي، جڏهن ته ايندڙ ماڻهن جي جامع تلاشي ورتي پئي وئي، جتي واڪ ٿرو گيٽس، ميٽل ڊٽيڪٽرز، وڊيو رڪارڊنگ، بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ ٽريفڪ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو.