لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ ڄنگهه جي آپريشن بعد مديجي واسڻ 60 ورهين جي پيرسن عورت آمنه سومرو فوت ٿي وئي، جنهن تي فوتي جي وارثن ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان غفلت ۽ لاپرواهي جو الزام لڳائيندي احتجاج ڪيو. فوتي عورت جي وارث علي مراد سومرو الزام هڻندي چيو ته اسان ڀاڄائي آمنه زال قمر الدين سومرو کي ڄنگهه جي هڏي جي آپريشن لاءِ لاڙڪاڻي جي خانگي سينٽر ۾ داخل ڪرايو جتي گذريل ڏينهن شام ڌاري ڊاڪٽر سندس ڄنگهه جو غلط آپريشن ڪيو نتيجي ۾ سندس رت بند نه ٿيڻ جي ڊاڪٽر کيس 6 کان وڌيڪ رت جون ٿيلهيون چاڙهيون پر ان جي باوجود ڀاڄائي جي حالت نه سڌري جيڪو غلط آپريشن ۽ بروقت علاج نه ملڻ جي ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي آهي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي لاپرواهي ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.