لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ 5 ورهين جي شاگرد کي مبينا طور ڀت تي ليڪا پائڻ واري معاملي تي اسڪول جي استاد تشدد جو نشانو بڻائي مٿي جا وار پٽي ڇڏيا، نينگر کي ساڻ ڪري سندس والد ۽ ڏاڏي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول آگاڻي ۾ مبينا طور ڀت تي ليڪا پائڻ واري معاملي تان اسڪول جي استاد ڀورل عرف سائين عابد علي آگاڻي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ 5 ورهين جي نينگر شاگرد کي تشدد جو نشانو بڻائي مٿي جا وار پٽي ڇڏيا. اهڙي واقعي بعد نينگر يامين علي کي ساڻ ڪري سندس والد راحيل احمد ڀٽو ۽ ڏاڏي پنهنجي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ هو دانهي رهيا آهن ته ماستر جا ڪم ڏسو، منهنجي ننڍڙي جا وار پٽي ڇڏيا ظلم ڪيو اٿئين، ڪو آگاڻي ماستر آهي، جنهن ظلم جي انتها ڪئي آهي، استاد پرائمري ٽيچر آهي، ظلم جي انتهائي ڏسو ته ڪنهن آگاڻي ڇوڪري ان ڀت تي ليڪا پاتا آهن وار وري هن جا پٽيا آهن، نينگر جا بليڊ سان وار ڪوڙيا ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته استاد خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڀورل عرف عابد آگاڻي ٻڌايو ته لڳايل الزام بي بنياد آهن، اسڪول جا ٻارڙا پاڻ ۾ وڙهي پيا جن ھڪ ٻئي جا وار پٽيا جنهن بعد انهن کي ڇڏايو، جنهن جو الزام مون مٿان لڳايو ويو آهي.