لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پ پ ۽ جي ڊي اي پاران هڪ ئي ڏينهن اعلانيل ڌرڻي سبب لاڙڪاڻي ۾ سيڪيورٽيءَ جا انتظام سخت، ٻنهي پارٽي پاران ڌار ڌار ڌرڻا، هڪ ٻئي تي الزام بازي. ان سلسلي ۾ پ پ جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي جميل احمد سومرو، اعجاز احمد لغاري ۽ ٻين چيو ته تازو جي ڊي اي ۽ ان جي اتحادي جماعتن گريڊ هڪ کان چار جي نوڪرين جا آرڊر روڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي جنهن تي عدالت اسٽي جاري ڪيو. مخالفن پ پ جي نوڪرين ڏيڻ واري ڳالهه پسند نه آئي ۽ هنن عدليه جو سهارو وٺي سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کان روزگار کسي ڇڏيو. هن چيو ته جي ڊي اي ڪالهه احتجاج جو اعلان ڪيو، ان جو مقصد هنگامو ۽ فساد ڪرڻ آهي، هي سياست نه پر داداگيري آهي. ٻئي پاسي پي ايس ٽي اميدوارن جميل سومرو اڳيان پريس ڪلب جي لابي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪري آفر آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هوڏانهن جي ڊي اي پاران جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ لاڙڪاڻي سميت پوري سنڌ ۾ گريڊ هڪ کان چار جون نوڪريون مبينا طور پئسن عيوض وڪرو ڪري ٽيسٽ ۽ انٽرويو پاس ڪندڙ نوجوانن کي آفر آرڊر نه ڏيڻ خلاف شهر جي وليد محلا ڪوٽ داراب کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي معظم عباسي جو چوڻ هو ته پ پ وارن ميرٽ جو ڌڄيون اڏايون، پ پ وارن 1 کان 4 گريڊ جون نوڪريون سفارش تي ڏنيون عدالتي فيصلي بعد پ پ بوکلاهٽ جو شڪار آهي. جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم کي ذميوار قرار ڏئي رهي آهي. ٻئي طرف لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي طرفان نوڪرين جي معاملي تي ڌار ڌار احتجاج جو سڏ ڏيڻ کان پوءِ امڪاني ڇڪتاڻ واري صورتحال سان منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻو پوليس طرفان شهر جي جناح باغ، پاڪستاني چوڪ، رائل روڊ، اسٽيشن روڊ، بندر روڊ سميت جي سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪندي ڄاڻايل چوڪن ۽ روڊن تي امڪاني ڇڪتاڻ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو.