لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پي ٽي سي ايل جي رٽائر ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ملازم اڳواڻن اياز جعفري، عبدالوهاب عباسي، احمد چانڊيو ۽ ٻين چيو ته پي ٽي سي ايل جي نجڪاري وقت ڪيل معاهدن تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي. هنن چيو ته 12 سال کان پي ٽي سي ايل انتظاميا پينشن ۾ اضافو ڪرڻ بجاءِ ويتر غير قانوني طور ڪٽوتي ڪري رهي آهي، رٽائرڊ ملازمن جو چوڻ هو ته پينشنر انصاف لاءِ عدالتن ۾ درخواستون داخل ڪرايون ۽ ِ احتجاج ڪري رهيا آهن، ڪو به داد رسي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.