لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پيڪا ايڪٽ تحت پهريون ڪيس داخل، جوابدار گرفتار، صحافين سميت مختلف ماڻهن جي سوشل ميڊيا تي ڪردار جي الزام هيٺ ڊاڪٽر طارق سومرو خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿي ويو آهي، يونين آف جرنلسٽ جي صدر ۽ سينئر صحافي طارق محمود دراني طرفان رحمت پور ٿاڻي تي پيڪا ايڪٽ تحت قلم لاڳو ڪيا ويا آهن فريادي صحافي ڄاڻايو آهي ته طارق سومرو پنهنجي سوشل ميڊيا جي مختلف اڪائونٽن تان منهنجي ۽ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي سينيئر صحافين خلاف وڊيوز ۽ پوسٽون رکي ڪردار ڪشي ڪندو رهيو آهي جڏهن ته هن جان سان مارڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون آهن، جوابدار جي اهڙي عمل سان منهنجي خاندان جي ساک متاثر ٿي آهي.