لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ مسجد جي پيش امام طرفان 7 ورهين جي نينگر سان مبينا بدفعلي جي ڪوشش، سڌ پوڻ تي مڇريل ماڻهن جي پيش امام کي ڊوڙائي ڊوڙائي مارڻ جي ڪوشش، پوليس پهچي کيس بچائي ٿاڻي تي منتقل ڪيو، خبر موجب شهر جي شهيد عبدالمالڪ ڀٽو ٿاڻي جي حد پراڻي بس اسٽاپ واري علائقي ۾ 7 ورهين جي ضياءُ الدين پٽ رضوان بروهي سان پيش امام پاران مبينا بدفعلي واري ڪوشش جي اطلاع تي مڇريل ماڻهپ پهچي ويا، جن الزام هيٺ آيل پيش امام مجيب احمد ڪلهوڙو کي ڊوڙائي ڊوڙائي وچ روڊ تي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، اطلاع تي پوليس پهچي پيش امام کي بچائي ورتو ۽ کيس ٿاڻي تي منتقل ڪيو، متاثر ٻالڪ جي پيءُ رضوان بروهي الزام لڳائيندي ٻڌايو ته پٽ ضياءُ الدين روزانو پاڙي جي مسجد ۾ سبق پڙهڻ لاءِ ويندو آهي، جتي ٻه ڏينهن کان مسلسل پيش امام مجيب ڪلهوڙو پٽ سان فحش حرڪتون ڪري بدفعلي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کان پوءِ پٽ مسجد وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پڇا ڪرڻ تي پٽ واقعي بابت ٻڌايو، جنهن کان پوءِ اسان ٿاڻي تي پهچي پوليس کي شڪايت ڪئي، هن مطالبو ڪيو ته پٽ سان بدفعلي جي ڪوشش ڪندڙ پيش امام خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، واقعي جو ڪيس متاثر نينگر جي چاچي رسول بخش بروهي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، پوليس ٻڌايو ته پيش امام اصل دودو سنهڙي جو رهواسي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.