لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان پورهيت جو گهر ٻاهران گولي لڳل لاش هٿ، پوسٽ مارٽم بعد  وارثن حوالي، خبر موجب لاڙڪاڻي ڀرسان ماروي ٽائون واري علائقي ۾ 35 ورهين جي ٽريڪٽر مزدور نوجوان وڪيل شيخ جو گولي لڳل لاش گهر ٻاهران مليو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جي پيءُ  نظام شيخ ٻڌايو ته سندس پٽ وڪيل شيخ ٽريڪٽر تي مٽي کڻي پورهيو ڪندو هو، اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي، بيگناهه جوابدارن گولي هڻي سندس لاش گهر ٻاهران ڦٽو ڪيو، ماهوٽا پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته نوجوان سڄي رات گهر ۾ موجود نه هو، جنهن جو صبح چئين وڳي گهر ٻاهران گولي لڳل لاش مليو، واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نوجوان کي سندس ئي ذات جي هڪ ماڻهو گهران سڏ ڪري پاڻ سان گڏ وٺي ويو هو، جنهن کان پوءِ نوجوان جو گهر ٻاهران گولي لڳل لاش هٿ آيو.